چاچڪ شيخ مغل

چاچڪ شيخ مغل: ’تحفة الطاهرين‘ ۾ شيخ محمداعظم بن شفيع محمد ٺٽويءَ جي لکت موجب: ”شيخ مغل چاچڪ صاحب وجد، ڪشف ۽ ڪرامت جو صاحب هو. رات ڏينهن عبادت الهيٰءَ ۾ گذاريندو هو ۽ هڪ گهڙيءَ به آرام نه ڪندو هو. نصرپور جي هڪ رئيس کي ميرزا شاهه حسن ارغون گهڻو وقت قيد ۾ رکيو. سندس مٽن مائٽن ان کي آزاد ڪرائڻ لاءِ گهڻا هٿ پير هنيا، پر ڪو به نتيجو نه نڪتو، ان ڪري شيخ ڀرڪئي وٽ مدد لاءِ پهتا. جنهن کين هڪ ڳئون آڻڻ لاءِ چيو. تنهن تي رئيس جا مٽ مائٽ واپس ڳوٺ پهتا ۽ هڪ ڳئون پاڻ سان ڪاهي شيخ ڀرڪئي وٽ وڃڻ جـو ارادو ڪـيائـون. واٽ تـي ڏٺـائون ته شيـخ مـغـل عـبادت ۾ مشغول آهي. شيخ مغل هنن کي ڏسي هڪدم خادم کي موڪليو ته هنن کي مون وٽ وٺي اچ. خادم انهن وٽ ويو ته اهي سڀ جا سڀ گهٽ وڌ ڳالهائڻ لڳا. شيخ مغل کي گهڻو جوش آيو، پر صبر ڪيائين. جڏهن رئيس جا مٽ مائٽ ڳئون سميت شيخ ڀرڪئي وٽ پهتا ته ان هنن کي جواب ڏنو ۽ ڳئون واپس ڪري چيائين ته، توهان نيڪ مرد شيخ مغل کي رنجايو آهي، جنهنڪري منهنجو عمل ضايع ٿي چڪو آهي. ميرزا شاهه حسن ارغون ان ئي ڏينهن ان رئيس کي قيد ۾ قتل ڪرائي ڇڏيو.“


هن صفحي کي شيئر ڪريو